ميهڙ(ن پ ا) ميھڙ ميونسپل انتظاميه جي نااھلي سبب شھر  ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو. ان ڏس ۾ ميھڙ ميونسپل ڪاميٽي وارڊ 4 کي ميونسپل انتظاميه ۽ حڪومتي اميدوارن نظر انداز ڪري ڇڏيو ڪالوني واسين نويد انصاري، نور احمد ڇٽو ۽ ٻين احتجاج ڪندي نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ميھڙ ڪورٽ، ميونسپل آفيس ۽ مسجد سان لڳ ھي مين گھٽي ۾ نالين جو گندو پاڻي بيھي ويو آھي جڏھن ته جمعي جي نماز تي ويندڙ نمازين ۽ شھر ڏانھن ايندڙ ويندڙ عورتن ۽ ٻارڙن کي وڏين مشڪلاتن سان منھن ڏيڻو پوي ٿو، ھنن چيو ته ڪالونين، گھٽين ۽ پاڙن ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو آھي ، صفائي ناھي ، ناليون اٿلن پيون ھر طرف گندگي آھي ھنن چيو ته تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ سي ايم او ميھڙ جي نااھلي سبب سموري شھر سميت خاص طور چوٿون وارڊ جي ماڻھن سان ڄاڻي واڻي بيواجبي ڪئي وڃي پئي ھن وارڊ جي ماڻھن کي نظرانداز ڪيو ويو آھي ھنن چيو ته نه صاف پاڻي جي سھولت آھي ، نه بجلي ۽ نه وري گيس ھلي ٿي جنھن سبب انتھائي پريشان بڻيل آھيون بار بار ميونسپل انتظاميه ۽ وس وارن اڳيان دانھون ڪندا رھيا آھيون پر ڪير ٻڌڻ وارو نه آھي ھنن مطالبو ڪيو ته گھٽي ۽ روڊ تي بيٺل نالين جو گندو پاڻي ھٽائي ناليون صاف ڪري شھر ۾ صفائي ڪرائي بنيادي مسئلا حل ڪري علاقي واسين جي بيچيني دور ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.