ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ڀرسان ٻن ڀينرن مسمات زينت ، مسمات عائشا لاشاري ۽ ٽن ورھين جي معصوم نياڻي دل فاطمه لاشاري جي مبينا  اغوا واقعي خلاف وارثن پريس ڪلب ميھڙ پھچي احتجاج ڪيو ھنن دانھيندي چيو ته ٻن ٻارن جي ماءَ ۽ ڳورهاري عورت مسمات عائشا لاشاري ۽ ان جي ڌي 3 ورھين جي معصوم نياڻي دل فاطمه جوابدارن جي قبضي ۾ آھن، 23 ڏينھن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگھيون آھن ھنن مطالبو ڪيو ته آھي ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏئي اغوا ٿيل ناري ۽ معصوم ٻارڙي کي بازياب ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو