ميهڙ(ن پ ا) ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد سلطان ڀٽي لنڪ روڊ تي ٽن ھٿياربندن ميھڙ واسي مامو ، ڀاڻج کي يرغمال بڻائي کائنس چائنه 2025 ماڊل موٽرسائيڪل ، روڪ رقم ، موبائيل فون ڦر ڪري مزاحمت تي ھٿياربندن پستول جا بٽ ھڻي نوجوان ساگر علي پٽ سڪندر سولنگي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. زخمي نوجوان پنھنجي مامي سان گڏ تعلقي اسپتال ۾ احتجاج ڪندي دانھيو ته ڏينھن ڏٺي جو ھٿياربندن روڊ بلاڪ ڪري موٽرسائيڪل ، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو مزاحمت تي ھٿياربندن پستول جا بٽ ھڻي تشدد ڪرڻ بعد ھو فرار ٿي ويا آھن ھنن چيو ته ميھڙ ۾ بدامني وڌي وئي آھي ماڻھو غيرمحفوظ آھن پوليس ڏوھارين خلاف ڪا ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نه آھي ھنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته خدارا امن امان بحال ڪري جوابدار گرفتار ڪري ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي