ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ خميسو کوسو ۾ مڇي مارڻ لاءِ سم شاخ ۾ ٻانڌو لڳائڻ تان کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب 2 سڳا ڀائر 45 ورھين جو منور کوسو ۽ 30 ورھين جو نثار کوسو موقعي تي قتل ۽ سندن سئوٽ علي دوست کوسو سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو،  واقعي جي اطلاع بعد وارث عورتون ۽ ڳوٺاڻا پھتا. ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب مقتولن جي جسم تي ھڪ کان ٻن گولين جا نشان نظر نظر آيا وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد تفصيل ٻڌائي سگھبا، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.پوليس موجب پڦاٽن ۽ ماروٽن ۾ مڇي مارڻ لاءِ سم شاخ ۾ ھنيل ٻانڌي تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، ھڪ ڌر ٻانڌو ھنيو ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، گوليون لڳڻ سبب ٻه ڀائر قتل ٿيا آھن. ھوڏانھن زخمي علي دوست کوسو ٻڌايو ته اسان جو سم شاخ ۾ ٻانڌو لڳل ھو راشد، سڪندر، گلزار کوسو ۽ ٻين حملو ڪري قبضو ڪيو، اسان ٻانڌي تي وياسين ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنھن سبب ٻه ڀائر قتل ٿيا آھن ۽ مون سميت ٻن ڄڻن کي پڻ گوليون لڳيون.  ھن چيو ته جھيڙي کان اڳ جوابدارن خلاف قبضي ۽ ڌمڪين جي اين سي داخل ڪرائي ھئي، پوليس چيو ھو ته جوابدار بااثر آھن. وارث عورتن اسپتال ۾ روئيندي دانھيو ته جوابدارن اسان سان ظلم ڪيو آھي، اسان جا ٻه ڳڀرو جوانن کي قتل ڪيو ويو. ڌريون ھڪ ئي ڳوٺ ۽ ويجھا عزيز ھجڻ سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري آھي.