ميھڙ(رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) پيپلزپارٽيءَ ۽ جي ڊي اي جي ڪارڪنن ۾ فيس بوڪ تي پوسٽ رکڻ بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي ۽ ڌرين ھڪ ٻئي مٿان حملن جا ڪيس داخل ڪرايا آهن. ڪيس ۾ پيپلزپارٽيءَ تعلقي صدر محمود مھيسر ۽ جي ڊي اي اڳواڻ شھري اتحاد ميھڙ جي چيئرمين نياز علي ٻرڙو سميت ڌرين جي 29 ماڻھن مٿان ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل جڏھن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي وڏي تعداد ۾ پوليس نفري ميھڙ ۾ پڻ پھچي وئي آھي. جڏهن ته ڌرين پاران ھڪ ٻئي مٿان ڪيس داخل ڪرايا ويا آھن جڏھن ته ٻنھي ڌرين تي ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ ٻنھي ڌرين جي ماڻھن جي ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگھي آھي.  هوڏانهن پيپلزپارٽيءَ تعلقه ميھڙ جي صدر محمود مھيسر ۽ ان جي گارڊن مٿان ڪيس ٿيڻ کان پوءِ پيپلزپارٽيءَ جي مقامي اڳواڻن ۾ ٿرٿلو مچي ويو جنھن بعد ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي پيپلزپارٽيءَ تعلقه صدر جي ويجھي ساٿي غلام حيدر مھيسر جي فرياد تي جي ڊي اي اڳواڻ ، شھري اتحاد ۽ رائيس ملز ايسوسيئيشن جي صدر نياز علي ٻرڙو ۽ سندس ساٿين ھاشم ٻرڙو ، زبير ، شعيب سمون ، عبدالفتاح شاھ سميت 6 نامعلوم ماڻھن مٿان ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي تي پڻ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ڪيس ۾ فريادي پاران موقف اختيار ڪيو آھي ته سوشل ميڊيا تي جي ڊي اي اڳواڻ نياز علي ٻرڙو خلاف پوسٽون ھلايون ھيون ان ڪري نياز علي ٻرڙو پاران مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ بعد ۾ ڊگري ڪاليج ڀرسان ان جي ماڻھن حملو ڪري ڏنڊا ، بٽ ھڻي زخمي ڪيو ۽ ھٿيار سڌا ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي بعد ۾ مونسان گڏ ساڻس دوستن پاران الله پاڪ جا واسطا ڏئي جوابدارن کي واپس ڪيو آھي. ان کان اڳ رات دير سان ميھڙ جي ڀنڊ محلا ۾ نامعلوم ماڻھن جي ڊي اي ڪارڪنن زبير سمون جي گھر تي چڙھائي ڪري گھر ٻاھران حملو ڪري زبير سمون ۽ سندس دوست امتياز ڀٽي کي زخمي ڪري ڇڏيو.  واقعي جو ڪيس  زخمي زبير سمون جي فرياد تي ايم اين اي مسرت رفيق مھيسر جي ڀاءُ پ پ پ تعلقي ميھڙ جي صدر محمود مھيسر سندس ٻن گارڊن يوسي گاھي مھيسر جي صدر شمس مھيسر ، حمزو مھيسر سميت 15 اڻ سڃاتل ماڻھن خلاف ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. فريادي زبير سمون ڄاڻايو آھي ته پ پ پ تعلقه صدر محمود مھيسر جي گارڊن فيس بوڪ تي جي ڊي اي اڳواڻن خلاف غلط پوسٽون رکيون ھيون جنھن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ھڪ ٻئي خلاف ھمايتن پوسٽون ھلايون جنھن تان جوابدار ناراض ھيا ۽ مونکي ڌمڪيون ڏيندا ھيا جڏھن ته گذريل رات دير سان ايم اين اي مسرت رفيق مھيسر جو ڀاءُ پ پ تعلقه صدر محمود عرف جوجو مھيسر پنھنجي گارڊن سميت مونکي موت مار ڌمڪيون ڏنيون ۽ ان کان پوءِ سندس گارڊ ۽ نامعلوم ماڻھن ھٿيار ۽ ڏنڊا ساڻ ڪري گھر تي حملو ڪري ڏنڊا ۽ پسٽل جا بٽ ھڻي زخمي ڪيو آھي.