ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ قائم کوسو جي رھواسڻ مھناز کوسو صحافين آڏو احتجاج الزام لڳايو ته حيات کوسو شادي جو آسرا ڏئي مختلف وقتن زيادتي ڪندو رھيو. ھن الزام ھڻندي چيو ته حيات کوسو بليڪ ميل ڪري مختلف وقتن تي مون کان 8 لک رپيا به وٺي ويو، واپس گهرڻ تي ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي ۽ ھر وقت مون کي تنگ ڪندو رھي ٿو. ھن چيو ته بي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني آھي پر پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري. ھن ايس ايس پي دادو کان گھر ڪئي آھي ته نوٽيس وٺي جوابدار خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي.