ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ بدامني خلاف عوامي تحريڪ پاران مرڪزي اڳواڻ وڪيل نجيب مهيسر،  منصور چانڊيو ،امتياز سيال، سڌير چانڊيو، رستم سرگاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي  گهنٽا گهر چوڪ وٽ علامتي بک هڙتال جاري رکي، ان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي، پوليس تحرڪ ناهي ورتو،  هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي امن قائم ڪرايو وڃي.