ميھڙ (ن پ ا) حڪومت پاران بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ ھلايل مھم جي سلسلي ۾ سيپڪو ميھڙ پاران ايڪس اي اين مجيب الرحمن عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪري چار ڄڻن کي گرفتار ڪرائي 500 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪٽيا . شھر جي مختلف ڪالونين مان 500 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا جڏھن ته بجلي چوري ۽ بقاياجات جي الزام ھيٺ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. ان موقعي تي ايڪس اين اي سيپڪو ميھڙ جو چوڻ هو ته ميھڙ جي ڀٽائي محلا، اياز ڪالوني راڌڻ روڊ سميت مختلف ڪالونين مان 500 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪاٽيا آھن جڏھن ته بجلي چورن ۽ بل جي بقايا جمع نه ڪرائيندڙ سرفراز قريشي ، محمد نواز ، گدا حسين سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آھي انھن خلاف ميھڙ پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ لاء ليٽر پڻ لکيا آھن. ھن چيو ته بجلي چوري ۽ بقايا نه پياريندڙ خلاف ڪاروائي جاري رھندي ھوڏانھن بقايا جا پيسا جمع ڪرائڻ بعد ٻن ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو آھي ۽ گذريل ڏينھن گرفتار ٿيل استري جو دڪان ھلائيندڙ ظفر ڏيپر مٿان پڻ چوري بجلي ھلائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.