ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ سيپڪو عملدارن جي ناجائزين ، ھٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ غير قانوني ڏنڊ ھڻڻ خلاف رائيس ملز ايسوسيئشن جي صدر نياز علي ٻرڙو جي صدارت ۾ اجلاس ٿي گذريو اجلاس ۾ تعلقي ميھڙ جي سمورن ڪارخانيدار مالڪن ۽ رائيس ملز ايسوسيئشن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ان موقعي تي رائيس ملز ايسوسيئشن جي اڳواڻن چيو ته ميھڙ تعلقي ۾ واپڊا عملدارن ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي ميھڙ شھر جي سمورن فيڊرن سميت انڊسٽري فيڊر ، وي آءِ پي فيڊر، اولڊ ٻيٽو فيڊر، قاضي عارف فيڊر، ٻٽ سرائي ۽ سمورن فيڊرن تي غير قانوني طور ڪارخانن جي بجلي ڪٽي فيڊر بند ڪيا ويا آھن ۽ غير قانوني طور بجلي بلن ۾ ڏنڊ ھنيا وڃن پيا جيڪا سراسر ناانصافي آھي اجلاس ۾ رائيس ملز ايسوسيئشن جي اڳواڻن ۽ ڪارخانيدارن پاران فيصلو ڪيو ويو ته اگر سمورن فيڊرن جي بجلي بحال نه ڪئي وئي ته ميھڙ تعلقي جي سمورن ڪارخانن جا مالڪ بجلي بل نه پياريا ويندا ۽ واپڊا عملو پنھنجو قبلو درست نه ڪيو ته احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي اجلاس ۾ عبدالمجيد مھيسر، نانڪ رام، اربيلو مھيسر، سڪندر مھيسر، ممتاز ٻرڙو، اصغر جانوري، قاضي محمد عارف سميت ٻين ڪارخانيدارن ۽ رائيس ملز اڳواڻن شرڪت ڪئي.