ميھڙ (ن پ ا) سيپڪو ميھڙ پاران سپرنٽينڊنٽ انجنيئر ارشاد احمد ، ايگزيڪيٽو انجنيئر اعجاز احمد ، ايس ڊي او فھيم اسلم شيخ، ممتاز ٿلھو حسين بخش جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھر جي فريدآباد روڊ سميت ٻين علائقن ۾ بجلي چورن خلاف ڪاروائي ڪندي 500 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪاٽي بجلي جون تارون ضبط ڪري ڇڏيون آھن سيپڪو عملدارن پاران بجلي چوري خلاف شروع ڪيل مھم دوران غير قانوني لڳل ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آھن ان موقعي تي سپريڊنٽ انجنيئر ارشاد احمد ايس ڊي او فهيم اسلم شيخ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سيپڪو جي سي اي او جي حڪم تي بجلي چورن خلاف ڪاروائي شروع ڪئي آھي بجلي جي چوري ۾ ملوث ماڻھن جا ڪنيڪشن ڪٽي تارون ضبط ڪيون آھن بجلي جي چوري ۾ ملوث ماڻھن خلاف قانوني ڪاروائي پڻ ڪئي ويندي ھنن چيو ته بجلي چورن سان گڏ جن ماڻھن ڏي بجلي جا بل رھيل آھن انھن جا پڻ ڪنيڪشن ڪاٽي ۽ رھتون اوڳاڙي رھيا آھيون انهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاء اختيارين کي پڻ لکيو آهي ھن چيو ته بجلي چورن خلاف آپريشن جاري رھندو