ميھڙ(رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ميهڙ ۾ درگاهه جي مجاور معصوم نينگريءَ کي زيادتيءَ بعد سروٽا هڻي مارڻ بعدلاش پوري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ميھڙ ۾ انسانيت لڄائيندڙ واقعي ۾ وحشي جوابدار معصوم ٻارڙيءَ کي مبينه زيادتي بعد لوھي سيخون ۽ سروٽا ھڻي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو. اي سيڪشن ٿاڻي جي حد حاجن شاه ڪالوني ۾ جوابدار 7 ورھين جي معصوم نينگري عظمت ڌي لياقت سوڍر کي مبينا طور زيادتي جي ڪوشش ۽ تشدد بعد کيس بي دردي سان قتل ڪري لاش قبرستان ۾ پوري فرار ٿي ويو. اطلاع تي وارث پھچي نينگري جو لاش ڪڍي گھر آندو گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو علائقي ۾ سوڳ جي لھر ڇائنجي وئي. تعلقي اسپتال ۾ موجود فوتي نينگري جي والد لياقت سوڍر ۽ امڙ دانھيندي ۽ روئيندي ٻڌايو ته منھنجي نياڻي پنھنجي معصوم ڀاء سان گڏ درگاه حاجن شاه تي پاڻي پيئڻ وئي ھئي ته 30 ورھين جو جوابدار جنسار نوناري نياڻي تي وحشياتو تشدد ڪري مٿي ۾ ڌڪ ھڻي قتل ڪري ان ئي قبرستان ۾ مٽي ۾ پوري ڇڏيو آهي. معصوم ڀاءُ ۽ ٻين ٻارن اچي گھر ٻڌايو. اسين پھتاسين ته معصوم ٻارڙي مٽي ۾ پوريل ھئي. ٻارڙي جي جسم تان اڌ ڪپڙا لٿل ھئا جنھن کي کڻي گھر آندو. بعد اسپتال کڻي آيا آھيون. ھنن چيو ته جوابدار درگاه حاجن شاه جو مجاور آھي. جوابدار درگاھ تي نشو، آئيس واپرائيندڙ آھي ۽ ھو درگاه سميت قبرستان تي ڪم ڪار پڻ ڪندڙ آھي. ھنن چيو ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني نه آھي جوابدار اسان سان ظلم ڪيو آھي ان کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ھوڏانھن واقعي جي اطلاع بعد ميھڙ پوليس پھچي نينگري جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو. پوليس موجب معصوم نينگريءَ کي درگاه حاجن شاه تي ڪم ڪندڙ جوابدار جنسار نوناري تشدد بعد قتل ڪيو آھي. ھو واقعي بعد فرار ٿي ويو آھي. جڏھن ته درگاه حاجن شاه جي گادي نشين نيڪ محمد پنھور کي حراست ۾ ورتو . ميھڙ ذريعن موجب ميھڙ پوليس نينگري جي قتل ۾ ملوث جوابدار جنسار نوناري کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته حراست ۾ ورتل درگاه جي گادي نشين نيڪ محمد پنھور کي بعد ۾ ڇڏي ڏنو.
نينگريءَ کي مٿي ۾ سروٽن ۽ شيخن جا ڌڪ لڳل
ميھڙ: تعلقي اسپتال جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب نينگريءَ کي مٿي ۾ سروٽن ۽ شيخن جا ڌڪ لڳل آھن. جڏھن ته پوسٽ مارٽم ڪرڻ ۽ زيادتي جي تصديق لاءِ وڌيڪ جزا وٺي ليبارٽري موڪلي رھيا آھيون رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪجھه ٻڌائي سگھجي ٿو. پوسٽ مارٽم بعد نينگري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو نينگري جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو امڙ ۽ وارثن کي بيھوشي جا دورا پوڻ لڳا آھن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو آھينينگريءَ جو لاش رکي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، پوليس جوابدار گرفتاري جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو
ميهڙ: نينگريءَ جي لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد امڙ وزيران سوڍر، والد لياقت سوڍر۽ سوڍر برادري جي اڳواڻن سڪندر سوڍر ، اختيار سوڍر، اڪبر سوڍر ۽ ٻين نانڪ سيلر ڀرسان انڊس ھاءِ وي تي لاش رکي قاتل جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو ھنيو. جنهن ڪري ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. مظاهرين دانھيو ته قاتل جوابدار جنسار نوناري معصوم نينگري کي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪيو آھي. ميھڙ ۾ ھن افسوس ناڪ واقعي جي جھوري ڇڏيو آھي. قاتل جوابدار کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏئي معصوم نياڻي جي والدين سان انصاف ڪيو وڃي. جيستائين قاتل جوابدار گرفتار نه ٿيندو ڌرڻو جاري رھندو. ھوڏانھن ٻن ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد ميھڙ ايس ايچ او ۽ ون فائيو انچارج مظاھرين سان ڳالھيون ڪري جوابدار جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. مقتول نينگري جي وارثن موجب اڄ تائين قاتل جي گرفتاري ظاھر نه ڪئي وئي ته ٻيھر انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويندو.