ميھڙ(رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ميھڙ ۾ هڪ ڏينهن اڳ درگاھ حاجن شاھ جي مجاور جوابدار جنسار نوناري پاران 7 ورھين جي معصوم ٻارڙي عظمت سوڍر کي مبينه زيادتي بعد لوھي سيخون ۽ سروٽا ھڻي کيس بيدردي سان قتل ڪري لاش پورڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوليس جوابدار کي عدالت ۾ پيش نه ڪري سگھي آهي. ميھڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ٻارڙي جي امڙ مسمات وزيران سوڍر جي فرياد تي جوابدار جنسار نوناري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي ٻارڙي جي امڙ موقف اختيار ڪيو آھي ته منھنجي نياڻي عظمت سوڍر پنھنجي معصوم سئوٽ دلشير سان گڏ حاجن شاه درگاه طرف کيڏڻ لاء وئي ھئي ڪجھ دير بعد معصوم نينگر دلشير سوڍر ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ته جوابدار جنسار نوناري جنھن بيبي عظمت سوڍر کي قبرستان طرف اغوا ڪري ويو آھي اطلاع تي پھچي کيس ڳوليوسين ۽ ڏٺوسين ته جوابدار جنسار کڏ کوٽي رھيو ھيو اتي پھچي ڏٺوسين ته نينگري عظمت سوڍر جي اک، مٿي ۽ دماغ تي تشدد بعد بيدردي سان قتل ٿيل ھئي ۽ سلوار ٻاھر پيل ھئي. ھن وڌيڪ ڄاڻايو آھي ته جوابدار جنسار نوناري معصوم نياڻي کي اغوا ڪري ، زيادتي جو نشانو بڻائڻ کان پوء قتل ڪري لاش دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي واقعي جي جانچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي : مبينا زيادتي بعد بيدردي سان قتل ٿيل نينگري جي جنازه نماز ميھڙ ڀرسان ڳوٺ پير بخش سوڍر ۾ ادا ڪئي وئي ۽ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو نينگري واري افسوس ناڪ واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ جي لھر ڇانيل آھي. فوتي نينگري جي والد لياقت سوڍر ٻڌايو ته پوليس قاتل جوابدار جنسار نوناري کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي ھن چيو ته ظالم قاتل اسان جي معصوم نياڻي کي بيدردي سان قتل ڪيو آھي پر پوليس ان خلاف ڪو قدم نه کنيو آھي ۽ پوليس حراست ۾ ورتل درگاه جي گادي نشين نيڪ محمد پنھور کي به آزاد ڪري ڇڏيو آھي ھن مطالبو ڪيو ته قاتل جوابدار کي عبرتناڪ سزا ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ميھڙ جي اي سيڪشن پوليس پاران الزام ھيٺ آيل مک جوابدار جنسار نوناري مٿان ڪيس داخل ڪري ان کي گرفتار ڪرڻ بعد پڇا ڳاڇا لاء نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي ميھڙ پوليس موجب ته گرفتار جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو جوابدار کان واقعي بابت وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي پئي.