ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي ٿرڊ سول جج غلام مرتضيٰ ڪلھوڙو جي عدالت جھيڙي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پنج جوابدارن کي 2-2 سال سزا ٻڌائي ڇڏي آھي.عدالت گلشير عباسي، اختيار، قاسم، مرتضيٰ، رسول بخش عباسي کي سزا ٻڌائي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. جوابدارن مٿان فريدآباد ٿاڻي تي گناھ نمبر 46/2022 ھيٺ فريادي نظير عباسي پاڻ مٿان حملي ۽ جھيڙي جو ڪيس داخل ڪرايو ھو. ياد رھي ته ھڪ سال اڳ ٻن ڀائرن ۽ ڀائٽين ۾ جھيڙو ٿي پيو ھو، اهڙو ڪيس ميھڙ جي عدالت ۾ ھلندڙ ھو. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدارن ۾ ٻه ڀائر ۽ سندن 3 پٽ شامل آھن.