ميھڙ(ن پ ا) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت قائم ٿيل ميھڙ ، فريدآباد ، شاه پنجو ،  ڪولاچي ۽ ٻين علائقن جي سينٽرن تي 20 کان وڌيڪ ھلندڙ ڊوائيسن تي ٽن مھينن جي رقم وٺڻ لاءِ آيل عورتن جي تذليل ٿيڻ لڳي آهي، سينٽر تي سھولتون نه ھجڻ ۽ عورتن جي پيڙھ سبب 7 کان وڌيڪ مستحق عورتون ۽ ٻه ٻارڙا بيحال ٿي ويا. جن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو. بيھوش ٿيل عورتن ۾ مسمات ذواليخان، مسمات نوران، مسمات نور بيبي، مسمات گلشاد، بيبي طاھرہ، ٻارڙو سجاد، فريد ۽ ڪلثوم شامل آھن. عورتن گلبھار خاتون، نواب زادي، مسمات سڪينه ۽ ٻين دانھيو ته آيل ٽن مھينن واري قسط جا آيل پيسا وٺڻ آيا آھيون ته ايجنٽ ۽ ڊوائيس مافيا عورتن کي ڦري رھيا آھن مختلف مسئلا ، نيٽورڪ جي خرابي ۽ ٻيا ڄاڻائي پيسا نه ٿا ڏنا وڃن ھنن چيو ته سينٽرن تي ڪا به سھولت يا طريقيڪار ناھي عورتن جي تذليل ڪئي پئي وڃي. جن مستحق عورتن جا پيسا آيا آھن انھن کان ايجنٽ مافيا ۽ ڊوائيس ھولڊر عورتن جي آيل رقم مان 1500 کان 2000 رپيا غير قانوني ڪٽوتي ڪري رھيا آھن ھنن گھر ڪئي ته ميھڙ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت آيل ٽن مھينن جي قسط جي پيسن مان ڪٽوتي بند ڪري ايجنٽ مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سينٽرن تي سھولتون ڏئي عورتن جي تذليل بند ڪئي وڃي.