ميھڙ(ن پ ا) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آيل رقم کان پوءِ ميھڙ ، ٿرڙي محبت سميت تعلقي جي مختلف سينٽرن تي ڊوائيس هولڊرن پاران غير قانوني هڪ هزار کان 3 هزار روپين تائين ڪٽوتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، جڏھن ته مستحق عورتن مسمات رشيدان ، مسمات افروز ، سرفراز احمد ، نور بانو ۽ ٻين پاران ٿرڙي محبت ۽ ميھڙ جي قائم سينٽر آڏو احتجاج ڪيو ويو، ھنن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پيسا اچڻ بعد ايجنٽ مافيا سرگرم ٿي وڃن ٿا پيسا وٺڻ لاءِ آيل عورتن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي انتظاميه پاران سينٽرن تي ڪا به سھولت نه ڏني وئي آھي، سينٽرن تي پاڻي جي به سھولت نه آھي ان ڪري ڪيتريون ئي پيرسن عورتون نٽھڻ اس ۾ بيحال ٿي ويون آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته مستحق عورتن جي آيل پئسن مان ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيس ايجنٽن خلاف ڪارروائي ڪري رقم واپس ڪرائي ڏني وڃي ۽ سينٽرن تي سھولتون ڏئي مستحق عورتن جي بيچيني دور ڪئي وڃي.