ميھڙ(ن پ ا) شھري اتحاد ميھڙ جي سڏ تي امن امان جي بحالي لاء نائين ڏينھن بہ ٻيٽو چوڪ کان ٽي ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري مظاھرين بدامني خلاف انوکو احتجاج ڪندي ريلي بعد گھنٽا گھر چوڪ وٽ دادو پوليس جي علامتي جنازي جي نماز ادا ڪئي.ريلي کان پوءِ علامتي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي ، مذھبي تنظيمن ، واپارين ، رائيس ملز ايسوسيئشن، جماعت اھلسنت، پي ٽي آءِ، ايس يو پي، ايم ڪيو ايم پاڪستان، دڪاندار ايسوسيئيشن، قومي عوامي تحريڪ، جي ڊي اي، ايس ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن سميت متاثر ماڻھن ۽ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اڳواڻن نياز علي ٻرڙو، ذوالفقار کوکر، نظير جانوري، اربيلو مھيسر، عبدالخالق شيخ، ايوب کوسو، علي شير جوڻيجو، حافظ منظور چانڊيو، وڪيل مير کوسو، حبيب حضوري، محبوب کوسو، گلشير سوڍر، مير شڪيل عطار، مير عمران تيوڻو اشتياق تنيو، فيروز ناريجو ۽ ٻين چيو ته روزانو چوريون ، ڦرون ، ڌاڙا پيا لڳن پر پوليس جي ڪاروائي نه ڪرڻ ۽ خاموشي ٻڌائي ٿي ته دادو پوليس مري وئي آھي ان ڪري دادو پوليس جي علامتي جنازه نماز پڙھي آھي ھنن چيو ته امن امان جي بحالي لاء نون ڏينھن کان سراپا احتجاج بڻيل آھيو پر آء جي سنڌ کي به احتجاج نظر نه پيو اچي ميھڙ شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ چورين ڦرن ڌاڙن جو آزار گھٽجي نه سگھيو آھي ڏوھاري ڏوه ڪري پاٿاريدارن وٽ پناه وٺن ٿا پر پوليس ڪا به ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نه آھي ھنن چيو ته آء جي سنڌ کي ميھڙ ۾ وڌندڙ بدامني جو فوري نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ ايس ايس پي دادو کان ميھڙ سميت ضلع دادو ۾ ٿيندڙ ظلم بابت پڇاڻو ڪري ھنن چيو ته ايس ايس پي دادو سميت ميھڙ ٿاڻن جا وڏا منشي ،ڊي ايس پي ڏوھارين سان گڏ منشيات فروشن جا بہ ساٿاري بڻيل آھن ميھڙ ۾ سرعام منشيات ۽ جوا جا اڏا ھلن پيا جانچ ڪري کيس ملوث پوليس آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ھنن چيو ته جيستائين امن امان بحال نه ٿيندو ۽ ڦر ٿيل شيون واپس نه ٿينديون ۽ ميھڙ ۾ منشيات ۽ جوا جا اڏا بند نه ٿيندا ھي احتجاجي تحريڪ روز جي بنياد تي جاري رھندي