ميھڙ(رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ميهڙ ۽ ڀرپاسي ۾ لاقانونيت عروج تي پهچي وئي آهي، ڏوھاري بي قابو بڻجي ويا آهن، قانون ۽ سرڪار جي رٽ سواليه نشان بڻجي وئي آهي. ھڪ ھفتي دوران ڦر، جھيڙن سميت مختلف واقعن ۾ ٻه پوليس اھلڪار شھيد ٿي ويا، جڏهن ته ھڪ معصوم نياڻي حوس جو نشانو بڻجڻ کان پوءِ بيدردي سان ٿيل قتل ٿي وئي ۽ ٻن نوجوان شاگردن سميت 4 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. چئن عورتن سميت 20 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي پيا آھن، جڏهن ته قاتل جوابدارن سميت سمورا ڏوھي پڪڙ کان آجا آهن . ان ڏس ۾ 10 مارچ تي ميھڙ انڊس ھاءِ وي بريدارو پوليس چوڪي ڀرسان ھٿياربندن ڦر دوران فائرنگ ڪري جھل مگسي جي پوليس آفيسر اي ايس آءِ غلام عباس مگسي کي شھيد ۽ لاڙڪاڻي واسي مصري جتوئي ۽ قبو سعيد خان واسي خالد راھوجو کي زخمي ڪيو. 5 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس ھڪ ھفتو گذرڻ باوجود ھڪ به جوابدار کي گرفتار ڪري ناھي سگھي. ڳوٺ ٻنڍو ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ گھٽي جي لنگھه تان ٿيل جھيڙي ۽ تعلقي اسپتال جي احاطي ۾ ڪيل انڌا ڌنڌ فائرنگ سبب 4 عورتن سميت 13 ڄڻا زخمي ٿيا، پوليس فائرنگ ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگھي آهي. اي سيڪشن ٿاڻي جي حد حاجن شاهه ڪالوني ۾ درگاهه جي مجاور جوابدار جنسار نوناري پاران 7 ورھين جي معصوم نياڻي عظمت ڌي لياقت سوڍر کي زيادتي جو نشانو بڻائي، لوھي سيخون ۽ سروٽا ھڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد لاش قبرستان ۾ پورڻ وارو افسوس ناڪ واقعو ميھڙ واسين جو جي جھوري ڇڏيو ھو، جڏھن ته پوليس جوابدار کي ٽياڪڙي ڪري گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو هو. دھشتگردي ائڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ 4 ڏينھن بعد پوليس جوابدار جي گرفتاري ظاھر ته ڪئي ۽ چار ڏينھن گرفتار جوابدار پوليس حراست ۾ ھجڻ باجود پوليس کيس وڌيڪ واقعي بابت ڪا اڳڀرائي ڪري نه سگھي آهي. ميھڙ جي گھنٽا گھر چوڪ وٽ ٻير کپائيندڙ پورھيت عبدالستار ڪمانگر کي جوابدارن پاران پسند جا ٻير نه ڏيڻ تان تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو ھو، جيڪو پڻ اسپتال ۾ زير اعلاج آھي. ڳوٺ لونگ مھيسر ۾ مھيسر برادري جي ٻن ڌرين ۾ قلفي وڪڻندڙ کي گھٽي ۾ بيھڻ تان منع ڪرڻ جھيڙي سبب 3 ڄڻا طالب، خالد ۽ فياض مھيسر رتورت ٿي پيا جيڪي پڻ اسپتال ۾ زير علاج آھن. ميهڙ جي ڪمانگر پوليس چوڪي تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اھلڪارن جو ڏوھارين سان ٿيندڙ مقابلي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اھلڪار زاھد حسين تنيو شھيد ٿي ويو هو، دھشتگردي ائڪٽ تحت 8 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ باوجود پوليس ڀٽي ڀائي جا قاتلن مان ھڪ به جوابدار گرفتار ڪري نه سگھي آھي. ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڊگري ڪاليج ڀرسان گھر مالڪ پورھيت عاشق لاکير جو پنھنجي ئي گھر مان گوليون لڳل لاش مليو ھو، جنھن واقعي جو پڻ ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ظاھر ڪري نه سگھي آھي. جڏهن ته گذريل ڏينھن اي سيڪشن ٿاڻي جي حد راڌڻ روڊ زرعي زمين مان 25 ورھين جي نوجوان شاگرد ارسلان پٽ دين محمد پنھور جو تشدد ٿيل لاش مليو هو، پوليس واقعي جي جاچ ڪري اسين الله تي ڇڏيو آھي، اھو ئي انصاف ڪندو. منگواڻي روڊ تي ھٿياربندن نجيب الله جانوري کي يرغمال بڻائي سي ڊي موٽرسائيڪل، 7 ھزار روڪ رقم ڦر ڪرڻ بعد پسٽل جا بٽ ھڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا اين سي داخل ٿيڻ باجود پوليس ڪا ڪارروائي ڪري نه سگھي آھي.
هفتي دوران قيمتي جانيون زيان ٿيڻ تي سڄاڻ ڌرين کي ڳڻتي
ميھڙ: ھڪ ھفتي دوران ڦر ، جھيڙن سميت مختلف واقعن دوران انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ميھڙ جي سول سوسائٽي ۽ شھرين وڪيل سعيد پنھور، وڪيل منور جتوئي، محمد ھاشم ٻرڙو ۽ ٻين پاران افسوس جو اظھار ڪندي ميھڙ جو گذريل ھفتو خوني ھفتو قرار ڏئي قانون ۽ سرڪار جي رٽ تي افسوس جو اظھار ڪيو ويو، ميھڙ واسين موجب ته ھڪ ھفتي ۾ ايتريون جانيون ضايع ٿيون پوليس اھلڪار شھيد ٿيا، معصوم نياڻي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ٿي نوجوانن جا لاش مليا، پر پوليس ھن وقت تائين ڪا به اھڙي ڪارروائي عمل ۾ نه آڻي سگھي آھي، جنھن سان مقتولن جي وارثن توڙي شھر واسين کي مليل صدمن تي ڪي ڇنڊا پئجي سگھن ميھڙ واسين پاران ھڪ ھفتي ۾ ٿيندڙ انتھائي افسوس ناڪ واقعن ۾ ايس ايس پي دادو ۽ ميھڙ پوليس کي نااھل قرار ڏيندي آءِ جي سنڌ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي سٺا آفيسر مقرر ڪرڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي.
|
درگاهه مجاور هٿان قتل ٿيل نينگريءَ جو گھرو وزير ۽ آءِ جي پاران نوٽيس ورتو ويو
ميھڙ: ميھڙ ۾ معصوم نياڻي جي بيدردي سان ٿيل قتل ۽ ٻن پوليس اھلڪارن جي شھيد ٿيڻ واري واقعن جو گھرو وزير ، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي ايس ايس پي دادو کان واقعن بابت رپورٽ گھري ورتي آھي. جڏھن ته آءِ جي سنڌ جي نوٽيس بعد ڊي ايس پي ميھڙ وقاص اڪبر دراني کي ھٽائي سندس جاءِ تي منير احمد ڦلپوٽو کي ڊي ايس پي ميھڙ مقرر ڪيو ويو ۽ ايس ايچ او بي سيڪشن ميھڙ غلام حيدر چانڊيو کي بدلي ڪري سجاد جمالي کي ايس ايچ او بي سيڪشن مقرر ڪيو ويو، ھوڏانھن شھيد پوليس اھلڪار زاھد تنيو جي تڏي تي ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ شھيد پوليس اھلڪار جي معصوم ٻارڙن کي انصاف ڏيارڻ جي يقين ڌياني ڪرائيندي ھن چيو ته شھيد پوليس اھلڪارن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي پئي، پوليس پنھنجو ڪم ڪري رھي آھي ميھڙ سميت دادو ضلع ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي پيو ايس ايس پي دادو چيو آھي ته اسان ميھڙ ۾ ٿيل واقعن کي سنجيدگي سان ڏسي رھيا آھيون، پوليس آفيسرن کي ھدايتون ڏنيون ويون آھن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون آھن جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري رھيا آھيون ته جيئن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سگھجي.