ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد منگواڻي روڊ تلائن ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن واپاري دڪاندار ۽ سندس سئوٽ کي يرغمال بڻائي ساڻس سي ڊي موٽرسائيڪل، موبائيل فون ڦر ڪئي، ان دوران مزاحمت تي ھٿياربند فائرنگ ڪري ميھڙ جي ڳوٺ علي شير واه واسي 20 ورھين جي نوجوان سليم پٽ محمد ھاشم چانڊيو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. مقتول جو لاش ھڪ ڪلاڪ تائين واقعي واري ھنڌ پيل رھيو. ساڻس گڏ سئوٽ نوجوان شاڪر چانڊيو دانھون ڪندو رھيو. اطلاع تي مقتول نوجوان جا وارث پھچي ويا، جن لاش تعلقي اسپتال آندو جڏھن ته وارثن سان گڏ چانڊيه برادري جا معزز اڳواڻ پڻ تعلقي اسپتال ميھڙ پھتا. تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ ھيو ته نوجوان سليم پنھنجي سئوٽ شاڪر چانڊيو سان گڏ ميھڙ مان دڪان جو سامان وٺي موٽرسائيڪل تي واپس ڳوٺ اچي رھيا ھئا ته ھٿياربندن روڪي موٽرسائيڪل ، موبائيل فون ، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪيو جڏھن ته نوجوان جي مزاحمت تي ھٿياربندن سڌيون گوليون ھڻي نوجوان سليم کي بيدردي سان قتل ڪيو آھي ھنن چيو ته نوجوان جي قتل واري واقعي ۾ اسان کي ڪجھ ماڻھن تي شڪ آھي مڪمل جاچ ٿيڻ کان پوء اسين جوابدارن جا نالا ٻڌائي سگھنداسين. پوليس موجب ابتدائي اطلاع آھن ته ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون. وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي. تعلقي اسپتال جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب نوجوان جي سيني ۾ ھڪ جي گولي آر پار جا نشان نظر آيا آھن وڌيڪ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪجھ ٻڌائي سگھجي ٿو. هوڏانهن لاش پهچڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو.