ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ۾ وڌندڙ بدامني چورين ڦرن ڌاڙن وارن واقعن ۽ سرعام ھلندڙ منشيات خلاف شھري اتحاد ميھڙ جي سڏ تي 12 ڏينھن به احتجاج ڪيو ويو. سياسي سماجي، مذھبي تنظيمن ، واپارين، رائيس ملز ايسوسيئشن، جماعت اھلسنت، پي ٽي آء، عوامي جمھوري پارٽي، ايس يو پي، دڪاندار ايسوسيئيشن، قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ، جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم پاڪستان سميت مڪاني ادارن جا چونڊيل ڪائونسلر ۽ يونين ڪائونسلن جا چيئرمين ۽ ٻين تنظيمن جا اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ شھرين شريڪ ٿيا. ٻيٽو چوڪ کان ٽي ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري گھنٽا گھر چوڪ ۽ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان احتجاجي ريلي ڪڍي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي امن امان جي بحالي لاء زوردار نعريبازي ڪئي. نياز ٻرڙو، ايوب کوسو، مير کوسو ، حافظ منظور چانڊيو، اربيلو مھيسر، اسماعيل بروھي، ھوش محمد جانوري، مسرور ٻرڙو، حبيب حضوري، ڪامران شاهه، جھانگير ابڙو، عبدلافتاح شاهه ۽ ٻين چيو ته 12 ڏينھن کان مسلسل ستارا احتجاج بڻيل آھيون پر ان باوجود بہ ميھڙ شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ چوريون ڦرون ڌاڙا بند نه ٿي سگھيا آھن ۽ ميھڙ شھر ۾ سرعام جوا ، منشيات ۽ برائين جا اڏا کليل آھن پر پوليس ڪا به ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نه آھي ھنن چيو ته ميھڙ شھر کي ھٿ سان ڏوھارين ، پاٿاريدارن ۽ منشيات فروشن حوالي ڪري شھر واسين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ميھڙ شھر ۾ بااثر ماڻھن جون پاٿاريون ھجڻ ڪري ڏوھارين کي پناھ ڏني وڃي ٿي ۽ دادو پوليس به ڏوھارين اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا آھن ھنن چيو ته ايس ايس پي دادو ميھڙ سميت دادو ضلع ۾ ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي پر افسوس آھي آء جي سنڌ تي جيڪو پڻ خاموش بڻيل آھن آء جي ۽ ڊي آء جي اکيون کولي ميھڙ واسين سان پوليس سربراهي ۾ ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي ڏوھن چورين ڦرن ڌاڙن ، منشيات فروشن جا ساٿاري بڻيل پوليس اھلڪارن ۽ آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ھنن چيو ته ڏوھارين جي گرفتاري ، ٿيل ڏوه واپس نه ٿيڻ ۽ جيستائين امن امان بحال نه ٿيندو ۽ ميھڙ ۾ منشيات ۽ جوا جا اڏا بند نه ٿيندا ھي احتجاجي تحريڪ روز جي بنياد تي جاري رھندي