ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ امن امان جي صورتحال انتھائي خطرناڪ بڻجي وئي آهي. ميھڙ جي سينڌل مھيسر علائقي حاجن شاه ڪالوني ۾ 4 ڪار سوار ھٿياربندن واپاري پھلوان کوسو جي گھر ۾ داخل ٿي ھٿيارن جي زور تي گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي سمورن گھر ڀاتين کي ھڪ ڪمري ۾ بند ڪري گھر مان 13 لک روپيا روڪ رقم ، ٻه سونيون دھريون ، سونو ھار ، والا، سونيون چوڙيون مجموعي طور 70 لک روپين جا سونا زيور ، ٽي موبائل سيٽ ۽ ٻيو قيمتي سامان ٻھاري ويا. گھر ڀاتين جي دانھن تي پاڙي وارن پھچي گھر ڌڻين کي ڪمري مان ٻاھر ڪڍيو. اطلاع تي وڏي تعداد ۾ شھري ۽ علائقي واسي واقعي واري ھنڌ پھتا گھر ڌڻين واقعي ۽ بدامني خلاف احتجاج  ڪيو. هنن چيو ته پوليس اطلاع ملڻ باوجود بروقت نه پھتي ۽ نه وري پوليس ڪا ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار آھي   هوڏانن ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد سنڌي ٻٽڙا روڊ جلباڻي لاڙي وٽ 3 نامعلوم ھٿياربندن سنڌي ٻٽڙا جي دڪاندار شمن علي تنيو ۽ معصوم پٽ کي يرغمال بڻائي سي ڊي موٽرسائيڪل 2024 ماڊل ، 30 ھزار روڪ رقم ، موبائيل فون ۽ اي ٽي ايم ڪارڊ ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ٻئي پاسي ميھڙ ۾ وڌندڙ بدامني ، ڦرن ، ڌاڙن ، چورين سميت گھرن مان سرعام لڳندڙ ڌاڙن جي واقعن ۽ پوليس پاران مبينا طور ڏوھارين ، پاٿاريدار خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ ۽ منشيات ۽ جوا خلاف تحريڪ جاري رهي. ٽئين ڏينھن به سياسي سماجي ، مذھبي واپاري ، تنظيمن ، رائيس ملز ايسوسيئشن، جماعت اھلسنت ، پي ٽي آء ، ايس يو پي ، دڪاندار ايسوسيئيشن ، جماعت اسلامي ۽ ٻين تنظيمن سميت متاثر ماڻھن پاران پيادل مارچ ڪري ميھڙ ٿاڻن اڳيان مک گيٽ وٽ ميھڙ فريدآباد روڊ تي ڌرڻو ھنيو شھري اتحاد ميھڙ جي چيئرمين نياز علي ٻرڙو ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندڙ دوران الزام هنيو ته ميھڙ ٿاڻي تي مقرر وڏو منشي الاھي بخش زرداري ، اڳوڻو ايس ايڇ او اصغر شاه ، اڳوڻو ون فاء انچارج سوڍو سولنگي ، سڪندر ھالو سميت ميھڙ جي ٻنھي ٿاڻن تي ويٺل پوليس آفيسر ڊي ايس پي ۽ ٻيا اھلڪار ڏوھن ۾ ملوث آھن.  ھي ڏوھارين سان ملي ڪري شھر جو امن تباه پيا ڪرائن ھن چيو ته ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي پڻ ڏوھارين جي ساٿاري بڻيل پوليس اھلڪارن ايس ايڇ اوز ۽ وڏن منشين ڊي ايس پي سان مليل آھي انھن کان منٿليون وٺي انھن کي ٿاڻن تي مقرر ڪيو آھي. ايس ايس پي دادو ميھڙ سميت دادو ضلع ۾ وڌندڙ بدامني جو ذميوار آھي. ڌرڻي ۾ شامل مختلف تنظيمن شھرين واپارين ۽ متاثر ماڻھن رئيس پھلوان کوسو ،نظير جانوري، ايوب کوسو ، اسمائيل بروھي ،حافظ منظور چانڊيو، عبدالله ڏيرو، شڪيل عطار ، مير عمران تيوڻو ، ھاشم ٻرڙو ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪري شھرين کان ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ۽ شھر ۾ لڳل ڌاڙن ۾ ملوث جوابدار ڦوري طور گرفتار ڪيا وڃن ۽ واپاري پھلوان کوسو ، واپاري محمد علي قمبراڻي جي گھر مان لڳل ڌاڙي جي ايف آء آر ان جي مرضي مطابق داخل ڪئي وڃي ھنن چتاء ڏيندي چيو ته  امن امان جي بحالي ۽ ڦر ٿيل سامان ۽ لڳل ڌاڙن جي ماليت جي واپسي تائين ھي احتجاجي تحريڪ جاري رھندي.