ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو، چوري ۽ ڦر وارداتون روز جو معمول بڻيل، ھٿياربند معصوم ٻارڙن کي به نه بخشيو، ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد جويا پاڙي مان ٻن ھٿياربندن گھٽي ۾ راند کيڏندڙ ٽن معصوم ٻارڙن محمد الياس منگي، حبيب ﷲ سومرو ۽ سخاوت سومرو کي هٿيار جي زور تي يرغمال بڻائي 3 موبائيل فون ۽ ٻارڙن وٽ مليل خرچي جا پيسا به ڦري ويا، متاثر ٻارڙن احتجاج ڪندي دانھيو ته اسين پنھنجي ڪالوني ۾ گھرن ڀرسان گھٽي ۾ راند کيڏي رھيا ھئاسين ته ٻن ھٿياربندن پستول جي زور تي اسان کان ٽي موبائيل فون ۽ کيسن ۾ پيل خرچي جا پيسا ڦري ويا. ھنن ايس ايس پي دادو کان گھر ڪئي ته اسان کان ڦر ٿيل موبائيل فون واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.