ميھڙ (ن پ ا) سيپڪو ميھڙ پاران ايڪس اي اين خليل احمد چانڊيو، ايس ڊي او واپڊا فھيم اسلم شيخ ، مشتاق ميراڻي، شمن سومرو، صالح عباسي، رفيق جتوئي ممتاز ٿلھو ۽ ٻين رينجرز، سيڪيورٽي اھلڪارن سان گڏجي ميھڙ شھر جي مين انڊسٽري فيڊر سميت مختلف علائقن ۾ بجلي چورن ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف آپريشن ڪري چار کان وڌيڪ ٽرانسفارمر لاھي انھن جون 11 ھزار وولٽيج جي تارن جا جمپر پڻ ڪٽي ڇڏيا ۽ سوين غير قانوني ڪنيڪشن ڪٽي تارون پڻ ضبط ڪيون ويون آھن، ان موقعي تي ايس ڊي او واپڊا فھيم اسلم شيخ ٻڌايو ته ميھڙ شھر جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي اھلڪارن سان گڏ سيپڪو آفيسرن جي موجودگي ۾ بجلي چورن خلاف ڪارروائي ڪري آپريشن ڪيو وڃي پيو، جڏھن ته جلال چانڊيو جا ٻه ٽرانسفارمر ، ابراھيم ڪالوني مان ھڪ ٽرانسفارمر ۽ شھر جي بازار مان ٻن ٽرانسفارمرن جون لائنون ۽ سوين ڪنيڪشن ڪٽي تارون ضبط ڪيون ويون آھن ھن چيو ته لوڊشيڊنگ ۾ واڌ جو سبب به غيرقانوني ڪنيڪشن ۽ بلن جي ادائيگي نه ھجڻ ڪري آهي هن بجلي جي صارفين، شهرين، واپارين، دڪاندارن، مقامي ماڻھن کي اپيل ڪئي آهي ته بجلي چوري کي روڪڻ ۽ بلن جي بروقت ادائيگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سھڪار ڪن ته جئين ڪنھن شھري خلاف ڪا قانوني ڪاروائي نه ٿي سگھي جڏھن ته عمل نه ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ھن چيو ته ميھڙ شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ روز جي بنياد تي بجلي چورن ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف آپريشن جاري رھندو ھوڏانھن ميھڙ شھر جي مختلف ڪالونين جي رھواسين پاران بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ بجلي چوري جي آڙ ۾ ٽرانسفارمر ۽ تارن جي ڪٽوتي خلاف دانھون ڪندي چيو ته بجلي چوري ۾ ملوث سيپڪو عملدار پاڻ آھن ھو ھٿ سان بجلي چوري ڪرائي شھرين کي پريشان ڪري رھيا آھن، جڏھن ته شھر جي چئن فيڊرن تي 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي وڃي ٿي جنھن سبب شھري سخت پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن، ھنن مطالبو ڪيو آھي ته ھٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري شھرين کي بجلي چوري جي آڙ ۾ پريشان ڪرڻ بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.