ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ جي ڳوٺ مسو خان ساھڙ جي رھواسين هٿرادو لوڊ شيڊنگ ۽ ھٿرادو مھانگائي خلاف گلزار ساھڙ، غلام شبير، عبدالحميد ساھڙ، علي مردان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن ميھڙ نئون ڳوٺ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته مسو ساھڙ واري علائقي ۾ روزانو 16 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي، سيپڪو وارن پاڻ غيرقانوني ڪنيڪشن ڏنا آھن، ان جو پورائو ڪرڻ لاءِ بجلي چوري جو جواز ڄاڻائي بند ڪئي پئي وڃي. ھنن چيو ته 16 ڪلاڪ بجلي بند ھجڻ ۽ سخت گرمي سبب ڳوٺاڻا اذيت واري زندگي گذاري رھيا آھن ھنن چيو ته پيٽرول جا اگهه وڌڻ سبب عام واهپي جون شيون به مھانگيون ٿي ويون آهن، غريب ماڻھو ھڪ ويلو کائڻ لاءِ پريشان آھن. مظاھرين گھر ڪئي آھي ته علائقي ۾ بجلي جي ھٿرادو لوڊ شيڊنگ ختم ڪري بجلي بحال ڪئي وڃي ۽ مھانگائي خلاف قدم کنيو وڃي.