ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ جي ڳوٺ ٿيٻا جي رھواسي صفر ملاح مسمات نحالان ملاح مسمات ساجدان ملاح نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي دانھيندي الزام ھنيو آھي ته اسان جا مرد پنهنجي روزگار سان نڪري ويا ته ڳوٺ جا بااثر جوابدار منظور ملاح، ضمير ملاح، انصاف ملاح. حاڪم ملاح، منٺار ملاح ۽ ٻيا نامعلوم ماڻھون گھر تي ڪاھ ڪري گھر ۾ گھڙي ڏنڊا لٺيون ھڻي عورتن ٻارن مٿان تشدد ڪري گھر خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ بعد گھر کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو آھي جنھن ۾ اسان جو سامان سڙي رک ٿي ويو اسان ڀڄي جان بچائي نڪتا آهيون ھنن چيو ته اسان اھڙو اطلاع ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي تي ڏنو ته پوليس وارن موبائل ۾ تيل بھاني 2500 روپيا وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان سواءِ ئي ھليا ويا، ھنن چيو ته بااثر جوابدار اڳ ۾ به اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي اسان کي ھيسائي ڌمڪائي رھيا آھن جڏھن ته ميھڙ بي سيڪشن پوليس بااثرن جي پٺڀرائي ڪري پئي، اسان اعليٰ اختيارين کان گهر ڪيون ٿا ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.