ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڊگري ڪاليج ڀرسان گھر مالڪ 42 ورھين جي پورھيت عاشق لاکير جو پنھنجي ئي گھر مان گوليون لڳل لاش ھٿ آيو آهي. واقعي جي اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو هو. هوڏانهن تعلقي اسپتال ۾ موجود فوتي جي گھر واري ممتاز خاتون ٻڌايو ته مان رات جو پنھنجي پوٽي جي ڇٺي ۾ پٽ جي گھر وئي ھئس منھنجو مڙس اڪيلو پنھنجي گھر ۾ رھيل ھيو جنھن کي جوابدارن گھر ۾ گھري منھنجي مڙس کي گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي، ھن الزام ھڻندي چيو ته جوابدار عرس سولنگي، گل سولنگي، وسيم ۽ منو کوسو وارن منھنجي مڙس کي گھر ۾گھري گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو آھي، ھن چيو ته ساڳين جوابدار پھريان به معمولي ڳالھه تي منھنجي مڙس ۽ مون کي تشدد ڪري زخمي ڪيو ھو، انھن سان اسان جو پراڻو مسئلو ھلندڙ ھيو رات ساڳيا ئي جوابدارن منھنجي مڙس کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آھن، ھن چيو ته ظالمن مون سان ظلم ڪيو آھي، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي. ميھڙ پوليس موجب مقتول جي گھر واري پاران پراڻي دشمني تحت سولنگي ۽ کوسا برادري مٿان قتل ڪرڻ جو الزام ھنيو آھي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون. تعلقي اسپتال جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب فوتي جي مٿي ۾ گولين جا نشان نظر آيا آھن وڌيڪ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪجھه ٻڌائي سگھجي ٿو.