ميھڙ(ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران اعلانيل انتھا پسندي کان آجي سنڌ ايڪتا ڏھاڙي جي ميھڙ ۾ شھرين سياسي سماجي ڌرين صحافين پاران زبردست موٽ ڏني وئي آھي ان سلسلي ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران اعلانيل انتھا پسندي کان آجي سنڌ جي عنوان ھيٺ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ ۾ ھڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ اديبن شاعرن، صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن، وڪيلن نامياري ڪھاڻيڪار اديب سليم مگسي، نامياري شاعر امتياز عادل سومرو، ميھڙ بار جو اڳوڻو سيڪريٽري عوامي جمھوري پارٽي جي ضلع صدر وڪيل سعيد احمد پنھور، نوجوان اديب طاھر محزون ڀٽي، نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صدر منظور مھيسر، جنرل سيڪريٽريءَ عبدالرحمان قمبراڻي، وڪيل رضوان حيدر تنيو، مير عادل، فراز چنا، صابر ڪولاچي، عامر تيوڻو، آزاد چنا، ماجد پنھور، خليق الرحمن سومرو، عبدالغفار شاھاڻي، سڌير چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي نامياري ڪھاڻيڪار سليم مگسي چيو ته سنڌ صدين کان رواداري امن پسند علائقو رھيو آھي سنڌ کي ھٿ وٺي مذھبي انتھا پسندي جي ور چاڙھيو پيو وڃي، محترم علي قاضي انتھاپسندي کان آجي سنڌ جو نعرو ڏئي وقتائتو قدم کنيو آھي ھن قسم جو نعرو سنڌ ۾ نئين تبديلي آڻيندو انتھاپسندي کان آجي سنڌ ايڪتا ڏھاڙو ڀرپور نموني ملھايو ويندو تقريب ۾ وڪيل سعيد پنھور، طاھر محزون، منظور مھيسر ڳالھائيندي چيو ته سنڌ اخلاقي قدرن ۽ روايتن جي امين رھي آھي، سنڌ ھر قسم جي انتھاپسندي کي رد ڪري ٿي سنڌ امن جي ڌرتي آھي پيار محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آھي تقريب ۾ آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا ڏنا ويا ان موقعي تي نالي واري شاعر امتياز عادل سمورو انتھا پسندي کان آجي سنڌ جي عنوان ھيٺ پنھنجو نئون شعر ٻڌائي خوب داد به حاصل ڪيو آھي تقريب ۾ شامل ماڻھن ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران اعلانيل انتھا پسندي کان آجي سنڌ ڀرپور نموني ملھائڻ جو اعلان ڪيو آھي.