ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ ۾ انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام، علائقا ٻڏل،  2 ڏينھن اڳ ميھڙ ۾ پيل برسات کانپوءِ  2 ڏينھن گذرڻ باوجود روڊن تان پاڻي نيڪال ناھي ٿي سگھيو ميھڙ جي گاھي مھيسر روڊ ، ٻيٽو روڊ ،گاجي کھاوڙ روڊ ، ڀٽائي ڪالوني ، منصور ڪالوني سميت مختلف روڊن تي پاڻي بيٺل آھي، جنھن سبب شھري توڙي دڪاندار سخت پريشان آھن.شهرين غلام عباس ، مير اظھر ، اطھر علي ۽ ٻين چيو شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.