ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ واپڊا اسڪارپ جي لاپرواهي، ٻوڏ دوران سم نالن کي لڳل گھارا ھڪ سال گذرڻ باوجود بند نه ٿيا،  سم نالن جو پاڻي زرعي زمينن ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ مختلف ڳوٺن ڏانھن وڌي رھيو آھي. ٻوڏ کانپوءِ واھن، شاخن ۽ سم نالن جي مرمت ۽ گھارا بند ڪرڻ لاءِ پئسا جاري ٿيا پر ڪم نه ٿيو. آبادگار جدوجھد اڳواڻ سڪندر سوڍر، عوامي جمھوري پارٽي اڳواڻ وڪيل سعيد پنھور، قاضي عزيزالله مھيسر جو چوڻ هو ته سم نالن کي گذريل سال پيل گھارا بند نه ڪرڻ سبب ھاڻي پاڻي فصل کي ٻوڙن لاءِ وڌي رھيو آھي ھنن جو چوڻ ھيو ته گذريل سال فصل ٻوڏ لوڙھي وئي ۽ ھن سال سم نالا فصل کي متاثر ڪري رھيا آھن اگر برسات پئي ته زرعي زمينن سميت مختلف ڳوٺ سمن جي پاڻي ھيٺ اچي ويندا.آبادگارن گھر ڪئي آھي ته سرڪار ساريالو فصل بچائڻ لاءِ تحرڪ وٺي سم نالن کي پيل گھارا بند ڪري ته جيئن وڌيڪ تباھي کان بچي سگھجي.