ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ۾ سيپڪو انجنيئر مجيب الرحمان عباسي کي ڌمڪيون ڏيڻ خلاف سيپڪو عملدارن ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ملازمن مجيب عباسي، فرقان، وارث، سعيد ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيپڪو آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته بجلي چورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کانپوءِ بااثر جلال چانڊيو غنڊه وٺي آفيس پهچي سيپڪو انجنيئر مجيب الرحمان سميت ٻين ملازمن کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون. ھوڏانھن سيپڪو چيف ٽيڪنيڪل آفيسر منظور سومرو، ايس ڊي او واپڊا نثار گاڏھي، ايڪس اي اين مجيب الرحمن عباسي ۽ ٻين ايس ايچ او اي سيڪشن علي اصغر شاهه سان ملاقات ڪري ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن جي گرفتاري جي گھر ڪئي ۽ بجلي چورن خلاف ھلندڙ ڪارروائي دوران سيڪيورٽي وڌائڻ جو مطالبو ڪيو.