ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ شهر جي مختلف روڊن تي لڳل سولر اسٽريٽ لائيٽ انتظاميا جي نااهلي سبب ڪافي وقت کان خراب آھن. گهاڙي روڊ، خيرپور ناٿن شاهه روڊ، فريدآباد روڊ، ٻيٽو روڊ، ڪلهوڙا محلا سميت اڪثر روڊن تي سولر اسٽريٽ لائيٽ خراب ھجڻ سبب بدامني وڌي وئي آهي. شهرين وڪيل رضوان تنيو، ماجد پنهور، سعيد پنهور، مسعود سومرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪروڙن جي لاڳت سان شهر کي روشن ڪرڻ لاءِ لڳايل سولر اسٽريٽ لائيٽ سنڀال نه ٿيڻ سبب خراب ٿي ويا آهن. صفائي نه ٿيڻ سبب رات جو 12 کان پوءِ بند ٿي وڃن ٿا. اسٽريٽ لائيٽ بند ھجڻ ڪري اسٽريٽ ڪرائم وڌي رهيو آهي، نوٽيس ورتو وڃي.