ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو آهي. اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي حد مان ڦر جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. گذريل ڏينهن اي سيڪشن ٿاڻي جي حد انڊس ھاء وي راڄ واهه موري ڀرسان ٽن نامعلوم ھٿياربندن پاران روڊ بلاڪ ڪري ايندڙ ويندڙ مسافرن کان ڦر لٽ ڪئي جڏھن ته ڳوٺ در محمد سھول کان ميھڙ ايندڙ ٻن واپارين منظور بروھي ۽ غلام مصطفي بروھي کي يرغمال بڻائي کائنس سي ڊي موٽرسائيڪل ، ھزارين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ بعد مزاحمت تي فائرنگ ڪري ٻن واپارين کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا علائقي واسين زخمين کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو بعد ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ايس ايس پي دادو کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪرڻ جي گھر ڪئي آھي ھوڏانھن ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ميھڙ سنڌي ٻٽڙا روڊ نور شاه قبرستان ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن سنڌي ٻٽڙا جي رھواسي واپاري سيد راشد شاه کان سي ڊي 2022 ماڊل موٽرسائيڪل ۽ 35700 روپيا روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جڏھن ته ڦر واري واقعي خلاف سيد راشد شاه ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيو ته ميھڙ سنڌي ٻٽڙا روڊ تي ڦرون روز جو معمول بڻيل آھن پوليس ڏوھارين خلاف ڪا به ڪاروائي نه پئي ھنن پاران ايس ايس پي دادو کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي انصاف جي گھر ڪئي آھي