ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ڀرسان ٻيٽو جتوئي  ۾ 45 ورھين جو وزير ڀنڊ گھرن ڀرسان پاڻي جي کڏ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو. علائقي واسين ٻڏي ويل شخص کي ڪڍي مقامي اسپتال پھچايو جتي ڊاڪٽر پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. وارثن موجب وزير ڀنڍ درويش صفت انسان ھو جيڪو گھرن ڀرسان پاڻي جي کڏ ۾ وھنجي رھيو ھو ته بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿيو آھي لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.