ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ ٻيٽو جتوئي وٽ ڪڪول واھ کي 100 فوٽ گھارو پئجي ويو گھاري سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي ھيٺ اچڻ کان پوءِ پاڻي اڳوڻي وزيراعلي سنڌ لياقت علي جتوئي جي ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ۾ داخل ٿي ويو جڏھن ته ميھڙ نئون ڳوٺ روڊ پڻ پاڻي ھيٺ اچي ويو روڊ سميت ڳوٺ ۾ 3 فوٽ پاڻي بيھي ويو جنھن سبب علائقي واسين کي وڏين مشڪلاتن سان منھن ڏيڻو پئجي ويو گھاري جو پاڻي ٻيٽو جتوئي جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ، گرلس اسڪول ، بي ايڇ يو ٻيٽو ، ريسٽ ھائوس ، لائبريري سميت ٻين عمارتن ۾ پڻ داخل ٿي ويو جڏھن ته علائقي واسي مجاهد سومرو ، محمد علي جتوئي ۽ ٻين ٻڌايو ته عصر وقت رات جي اونداھي دوران ٻيٽو جتوئي مڪان ڀرسان ڪڪول واهه کي اچانڪ گھارو پئجي ويو ھو جنھن سبب سوين ايڪڙن تي ساريالو فصل لڙھي ويو ۽ پاڻي تيزي سان ميھڙ نئون ڳوٺ روڊ تي اوور ٽاپ ڪري ٻيٽو جتوئي ڳوٺ ۾ داخل ٿي ويو گھاري جي اطلاع باوجود آبپاشي عملو بروقت نہ پھتو ھو جنھن سبب علائقي ۾ وڏو نقصان ٿيو آھي ھوڏانھن گھاري کي بند ڪرڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت پھچي پنج ڪلاڪن بعد گھارو بند ڪري ورتو جڏھن ته گھارو بند ڪرائڻ لاءِ اڳوڻو ايم پي اي احسان علي جتوئي ، اڳوڻو ضلع ناظم ڪريم علي جتوئي ، محمد علي جتوئي جي ڪوشش سان ٻيٽو جتوئي ، پٽيجي ، ٺوڙھا ۽ ٻين علائقي واسين گھارو بند ڪرڻ ۾ ڪامياب رھيا ڳوٺاڻن موجب ڪڪول واھ گذريل رات کان اوور ٽاپ ڪري رھيو ھيو آبپاشي عملي کي اطلاع ڪيو ھيو پر ان باوجود آبپاشي عملي تحرڪ نه ورتو جنھن سبب ھي نقصان ٿيو آھي جڏھن ته گذريل سال ٻوڏ ۽ برساتن سبب ڪڪول واه جا ڪپر ڪمزور پئجي ويا ھئا ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود آبپاشي عملي ڪو تحرڪ نه ورتو ھو جڏھن تہ ايس ڊي او آبپاشي عبدالرسول جوڻيجو چئن ڪلاڪن بعد عملي سميت گھاري واري ھنڌ پھتو جنھن ٽريڪٽر جي ذريعي لڳل گھاري کي وڌيڪ مضبوطي سان بند ڪرايو ان موقعي تي ھن ٻڌايو ته ڪڪول واگه گھارو ان جاء کان لڳو آھي جٿان چوپائي مال جو گھير بڻائي کيس پاڻي پياريو ويندو آھي چوپائي مال جي لتاڙ سبب ڪپر ڪمزور بڻجي ويو ھو جنھن سبب پاڻي وڌيڪ ھجڻ ڪري ٽٽي پيو آھي جڏھن ته لڳل گھاري کي بند ڪيو ويو آھي.