ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاصل کوسو مان ھٿياربندن واپاري واجد کوسو کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيڻ لڳا ته متاثر ڌر پاران پوليس سان گڏ  ڏوھارين جو پيڇو ڪيو ڦورو ميھڙ فريدآباد روڊ حسنين ٽائون ۾ رفيق چانڊيو ۽ وسايو چانڊيو جي گھر ۾ لڪي ويا جڏھن ته متاثر ڌر ۽ پوليس پاران گھر جو گھيراء ڪيو جنھن دوران گھر مالڪ ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ڇڪتاڻ واري اطلاع بعد پوليس جي ڀاري نفري واقعي واري ھنڌ پھچي گھر کي ڪڙو چاڙھيو ون فائيو پوليس گھر مالڪ رفيق، وسايو چانڊيو سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري گھر مان 6 موٽرسائيڪلون ۽ ھٿيار ھٿ ڪرڻ جي داعوا ڪئي آھي.