ميهڙ(ن پ ا) ميھڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ميھڙ فريدآباد روڊ تي ڪمانگر لاڙي ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين ۾مقابلي دوران اھلڪار زاھد تنيو سخت زخمي ٿي پيو. ھٿياربندن زخمي پوليس اھلڪار جي سرڪاري رائيفل به ساڻ کڻي ويا. پوليس موجب ميھڙ ٿاڻي جا پوليس اھلڪار ڪمانگر لاڙي تي مقرر ھئا کين اطلاع مليو ته پڪٽ ڀرسان روڊ تي ڪجھه ماڻھو ڏوھه جي ارادي سان بيٺل آھن. پوليس اھلڪار پھتا ته ڏوھه جي ارادي سان بيٺل ھٿياربندن پوليس اھلڪارن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنھن سبب ھڪ پوليس اھلڪار زخمي ٿي پيو آھي، ھوڏانھن زخمي پوليس اھلڪار کي تعلقي اسپتال ميھڙ مان طبي امداد بعد کيس ڳڻتي جوھي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو آھي. جڏھن ته ميھڙ فريدآباد پوليس وڌيڪ نفري طلب ڪري علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي. ابتدائي اطلاعن موجب ھٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن.