ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ الله بخش جھتيال جي رھواسي پيرسن صدرالدين جھتيال کان هٿياربند موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ بعد مزاحمت تي کيس پسٽل جا بٽ ھڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، زخمي پيرسن کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو، جتي کيس طبي امداد بعد لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، اھڙو اطلاع ميھڙ پوليس کي پڻ ڏنو ويو،  بدامني خلاف شھري اتحاد ميھڙ جي چيئرمين رائيس ملز ايسوسيئيشن جي صدر نياز علي ٻرڙو اڄ کان تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو.