ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ لوھارو وٽ واھه مان ڳوٺ ڏاتو خان جي رھواسي 42 سالن جي اناج جي واپاري خدا دوست چانڊيو جو لاش ھٿ آيو، اطلاع باوجود ميھڙ بي سيڪشن پوليس بروقت واقعي واري ھنڌ پھچي نه سگھي وارث ۽ وڏي تعداد ۾ مقامي ماڻھو واقعي واري ھنڌ پھتا،ھٿ آيل واپاري جو لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري ھنڌ پيل رھيو جڏھن ته لاش سان گڏ سندس پنھنجي موٽرسائيڪل به پيل رھي پوليس جي بروقت نه پھچڻ ۽ تعلقي اسپتال مان ايمبولينس نه ملڻ تي سندس وارث ۽ مقامي پ پ اڳواڻ ڏاڏو غلام رسول چانڊيو، ايس ٽي پي اڳواڻ مجيب الرحمان چانڊيو ۽ ٻين وارثن لاش مزدا ۾ کڻائي تعلقه اسپتال ميھڙ پھچايو جتي وڏي تعداد ۾ واپاري، ڪاروباري ۽ شھري پھتا فوتي جي والد محمد مٺل چانڊيو ۽ ڀاءُ محمد اسحاق چانڊيو ٻڌايو ته اسان واپاري ۽ ڪاروباري ماڻھو آھيون رات فوتي خدا دوست چانڊيو ڳوٺ کان ميھڙ وڃي رھيو ھو، جنھن وٽ ڪجهه پيسا ۽ موبائيل فون به ھيس جڏھن ته صبح جو اسان کي لاش ھٿ اچڻ جو اطلاع مليو اسان واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائي آيا آھيون. ھنن چيو  ته اسان کي خدشو آھي ته اسان جي نوجوان کي ھٿياربندن ڦر دوران يا ڪنھن نامعلوم ماڻھن قتل ڪري لاش واهه ڀرسان اڇلائي فرار ٿي ويا آھن ھنن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آھي خدارا اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

واپاري ڪنهن حادثي جو شڪار ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي: پوليس

ميھڙ: ايس ايچ او بي سيڪشن غلام حيدر چانڊيو ٻڌايو ته لاش جي ھٿ اچڻ جو اطلاع مليو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ۽ اتي موجود ماڻھن کان تفصيل معلوم ڪيو پوليس موجب واپاري جي لاش سان گڏ سندس موٽرسائيڪل به ملي ۽ موٽرسائيڪل جا ڪجھه حصا ڀڳل به ھيا جڏھن ته ابتدائي اطلاع آھن فوتي جو ايڪسيڊنٽ يا ڪنھن حادثي سبب واقعو پيش آيو آھي جڏھن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون ۽ وارثن جي مرضي مطابق وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

فوتي جي جسم تي ڪنھن  به گولي يا ڌڪ جو نشان ناهي ؛ ڊاڪٽرز

ميھڙ: تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ فوتي واپاري جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر گووندا ڀوڄواڻي ۽ ڊيوٽي ڊاڪٽر ٻڌايو ته فوتي جي جسم تي ڪنھن به گولي جي ڌڪ جو نشان نظر نه آيو آھي لاش ڪجهه ڪلاڪ پراڻو ھجڻ ڪري سردي سبب ٻانھون ۽ جسم سڪي ويو آھي وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪجھه ٻڌائي سگھجي ٿو.