ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ڀرسان شاھ پنجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سندو خان لاکير جي رهواسي نوجوان صدام پٽ حاڪم لاکير جي بازيابي لاءِ وڏي تعداد ۾ لاکير برادري جي مردن ۽ عورتن ٽريڪٽر ٽرالي ڀري ميھڙ پھچي انڊس ھاءِ وي تي ٽائرن کي باهه ڏئي اٽڪ پمپ وٽ ڌرڻو ھنيو، گاڏين جون قطارون لڳي ويون. معشوق، صداقت، صدر الدين، مغوي جي امڙ نوربانو، رضيا جو چوڻ هو ته گذريل رات دادو ڪئنال ڀرسان ھٿيار بند صدام لاکير کي اغوا ڪري ويا، اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو پر ڪو به تحرڪ نه ورتو، خدشو آھي ھٿياربند نوجوان کي قتل نه ڪري ڇڏين. پوليس موجب 2 سال اڳ اغوا ڄاڻايل نوجوان صدام جي والد کي به ذاتي دشمني تان قتل ڪيو ويو ھو،اهڙو ڪيس ميھڙ عدالت ۾ ھلندڙ آھي. ايس ايڇ او صغير جھتيال مظاھرين سان ڳالھيون ڪري نوجوان کي بازياب ۽ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري تي روڊ کوليو ويو.