ميهڙ ڀرسان نوجوان بيدردي سان قتل، امام بارگاهه مان گوليون لڳل لاش هٿ، سئوٽ زخمي

0
16
ميهڙ ڀرسان نوجوان بيدردي سان قتل، امام بارگاهه مان گوليون لڳل لاش هٿ، سئوٽ زخمي
ميهڙ ڀرسان نوجوان بيدردي سان قتل، امام بارگاهه مان گوليون لڳل لاش هٿ، سئوٽ زخمي

ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ جي ڳوٺ بوٿرو جي امام بارگاھ مان مبينا طور بيدردي سان قتل ٿيل 18 ورھين جي نوجوان ڪاشف علي ڏھر جو لاش ۽ سندس سئوٽ 28 ورھين جي نوجوان مھراڻ ڏھر بيھوشي واري حالت ۾ پيل هيو جنهن بابت ڳوٺاڻن پاران زرعي زمين تي وڃڻ دوران هڪ ڄڻي جي قتل ۽ هڪ ڄڻي جي زخمي حالت ۾ ھٿ اچڻ کان پوء مقامي ماڻھن جي اطلاع بعد وارثن پھچي زخمي نوجوان کي تعلقي اسپتال ميھڙ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو جڏھن ته فوتي نوجوان جو لاش چئن ڪلاڪن تائين واقعي واري ھنڌ پيل رھيو بعد ۾ ٿرڙي محبت پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال ميھڙ آندو ويو فوتي نوجوان جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو علائقي ۾ سوڳ جي لھر ڇانيل آھي

 ڀاءٌ کي سئوٽ قتل ڪيو آهي، هنن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو آهي: مقتول جو ڀاءُ

ميھڙ: تعلقي اسپتال ۾ موجود فوتي نوجوان جي ڀاءُ بابر ڏھر اھم انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته منھنجو ڀاءُ ڪاشف ۽ سئوٽ مھراڻ ڏھر گھران نڪري امام بارگاهه ويا جتي ھو پاڻ ۾ چڙي پيا ۽ منھنجي ڀاءُ  سئوٽ کي ڏنڊو ھنيو ۽ بعد ۾ سئوٽ مھراڻ منھنجي ڀاءُ کي گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي.

مقتول جي مٿي ۾ 2کان 3 گوليون لڳل  آهن: ڊاڪٽر

ميھڙ: تعلقي اسپتال ميھڙ جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب ته ابتدائي پوسٽ مارٽم دوران زخمي ٿيل نوجوان مھراڻ ڏھر جي مٿي ۾ ڏنڊي ۽ ڪھاڙي جي ڌڪ جا نشان ھئا جڏھن ته مقتول نوجوان جي مٿي ۾ 2کان 3 گوليون لڳل ھيون، جنھن سبب مقتول نوجوان جي دماغ جي مک ٻاھر نڪتل ھئي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي وڌيڪ ڪجھ ٻڌائي سگھجي ٿو.

اڻڄاتل ماڻھن ھڪ سئوٽ کي قتل ٻئي کي زخمي ڪيو آھي: سئوٽ سجاد ڏھر

ميھڙ: تعلقي اسپتال ميھڙ ۾ مقتول ۽ زخمي نوجوانن جي سئوٽ سجاد ڏھر ٻڌايو ته منھنجا ٻئي سئوٽ رات کان گھران نڪتل ھئا، ڳوٺ سان گڏ ئي امام بارگاھ ڀرسان ويٺا ھئا ته نامعلوم ماڻھن ھڪ کي قتل ٻئي کي زخمي ڪيو آھي، اسان کي زمينن تي ويندڙ ماڻھن اطلاع ڪيو، جنھن بعد ھنن کي اسپتال کڻائي آيا آھيون اسان جي مختلف برادرين سان دشمني به ھلندڙ آھي، جوابدارن جو ھن وقت تائين پتو ناھي پئجي سگھيو

واقعي بابت پوليس ڪابه اڳڀرائي نه ڪري سگهي،  معاملو شڪي بڻيل

ميھڙ: افسوس ناڪ واقعي بعد حد جي پوليس ڪا به ڪاروائي ڪري نه سگھي آھي ۽ واقعو ھن وقت تائين  شڪي بڻيل آھن، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس به داخل ٿي نه سگھيو آھي.

وارث اڻڄاتل ھٿياربندن پاران سئوٽن مٿان حملي جو ٻڌائي رھيا آھن: پوليس

ميھڙ: ٿرڙي محبت پوليس موجب  ته واقعي جي اطلاع بعد اسين واقعي واري ھنڌ پھتاسين  ته امام بارگاه مان ھڪ نوجوان جو گوليون لڳل لاش مليو ۽ ٻيو زخمي حالت ۾ مليو، زخمي نوجوان کي ليٽر ڏئي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو آھي. واقعي بابت وارثن نامعلوم ھٿياربندن پاران ٻن سڳن سئوٽن مٿان حملي جو ٻڌائي رھيا آھن ، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون .

اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي: مقتول جو والد

ميھڙ: فوتي نوجوان جي والد حبيب الرحمن عرف ميانداد ڏھر ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان ڪا  به دشمني نه آھي واقعي بابت ڪابه ڄاڻ نه آھي ۽ نه وري ڪنھن ۾ شڪ آھي پوليس واقعي جي شفاف جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي