ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ ڀرسان ميھڙ ٿيٻا روڊ نور شاهه بخاري قبرستان وٽان مسافر وين بجلي جي تار ۾ ٽڪرائجڻ سبب وين ۾ ويٺل 10 کان وڌيڪ مسافر ڪرنٽ لڳڻ سبب بيھوش ٿي ويا، جن کي رستي ايندڙ ماڻھن کڻي مقامي اسپتالن ڏانھن منتقل ڪيو. بيھوش ٿيل مسافرن ۾ نياز ولد سائين رکيو ، غلام شبير ، نور احمد، سرفراز، اويس، مسمات بچل، مسمات شبانه ۽ ٻيا شامل آھن. اسپتال ۾ موجود مسافرن ٻڌايو ته وين ۾ ميھڙ کان سنڌي ٻٽڙا وڃي رھيا ھئاسين ته نور شاهه قبرستان ڀرسان بجلي جي تار هيٺ هجڻ سبب وين بجلي تار ۾ ڦاسي ڪرنٽ ٿي وئي، جنھن کان پوءِ وين ۾ اندر ۽ مٿان ويٺل مسافر بيھوش ٿي پيا، جڏھن ته ڊرائيور ڪوشش ڪري وين کي ڪلٽي ٿيڻ کان بچائيندي تار مان ڇڏائي ورتو ۽ رستي سان ايندڙ ماڻھن بيھوش ٿيل مسافرن کي کڻي اسپتالن ڏانھن منتقل ڪيو. تعلقي اسپتال ميھڙ جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب بيھوش ٿيل نوجوان نياز علي جيڪو اچانڪ جھٽڪي سبب ھن کي دورو پئجي ويو ھو، مسافرن کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد مسافرن جي حالت بھتر ٿيڻ کان پوء انھن کي پنھنجي گھرن ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي. مقامي ماڻھن موجب ته بجلي جون تارون ھيٺ ھجڻ ڪري اھڙا حادثه روز جو معمول بڻيل آھن، سيپڪو عملدارن کي شڪايتون ڪرڻ باوجود سيپڪو عملدارن ڪن لاٽار بڻيل آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته بجلي جون تارون مٿي ڪري انساني جانيون بچايون وڃن.