ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ڀرسان يونين ڪائونسل ڪولاچي جي پرائمري اسڪول گاھي خان جانوري جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، ٻارن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ٻار معجزاڻي طور بچي ويا،  ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسڪول بنيادي سھولتن کان محروم آھي، مرمت به ناھي ٿي سگھي، اسڪول ۾107 شاگرد موجود آھن، ھنن چيو ته اسڪول جي ڪمري مان ٻار نه نڪرن ھا ته وڏو جاني نقصان ٿي سگھي پيو،ھنن سنڌ سرڪار کان اسڪول جي مرمت جي گھر ڪئي آھي.