ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ ۾ پوليس پورھيت جي نياڻي جي ڏاج جا چوري ٿيل 3 لک رپيا هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ميھڙ ۾ شھري محمد ملوڪ سولنگي جي کيسي ۾ پيل سندس نياڻي جي ڏاج جي رقم 3 لک رپيا جيب ڪترا ڪڍي ويا هئا، متاثر پاران اھڙي واقعي جو اطلاع ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي تي ڏنو ويو شھري جي فرياد تي ايس ايچ او ميھڙ بي سيڪشن امجد علي مغل فوري تحرڪ وٺندي شھر ۽ آس پاس ۾ چورن جي ڳولا شروع ڪئي ميھڙ پوليس جوابدار شفيق عرف انبڙي منڱڻھار کي گرفتار ڪري سندس وٽان شھري جا چوري ڪيل ٿيل 3 لک روپيا ھٿ ڪري ورتا آهن ھٿ ڪيل رقم باحفاظت مالڪ جي حوالي ڪئي وئي جڏھن تہ جوابدار خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي پئي وڃي