ميھڙ (ن پ ا)ميھڙ پوليس انعام يافته جوابدار کي مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ رفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ منٺار عرف مٺو جانوري طور ٿي آھي، ان وٽان ڪلاشنڪوف ۽ گوليون هٿ آيون آهن. زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار کي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو.  ايس ايس پي دادو موجب ميھڙ راڌڻ روڊ وٽ ايس ايچ او اي سيڪشن ۽ سي آءِ اي پوليس جوابدار کي  مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. جوابدار دادو ضلعي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 40 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گھربل  ۽ مٿس سرڪار پاران پنج لک انعام پڻ رکيل آھي.