ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ميھڙ گاجي کھاوڙ روڊ ڌامراھ واھ لڳ واٽر ڪورس موري وٽ نوجوان جو ڪپڙن کان آجو ۽ تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو، لاش جي سڃاڻپ گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ ابراهيم پنھور جو رھواسي 21 ورھين جو نوجوان صابر علي پٽ شھزادو پنھور طور ٿي آھي، مقامي ماڻھن جي اطلاع بعد ميھڙ پوليس پھچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويوتعلقي اسپتال ميھڙ ۾ موجود مقتول نوجوان جي والد شھزادو پنھور ٻڌايو  ته گذريل رات منھنجو پٽ صابر علي پنهور ميندي جي رسم دوران مائٽن ڏانھن ويو ھئو ۽ ان کان پوءِ ھو واپس نه آيو ڳولا باوجود پتو نه پيو جنھن جو ميھڙ ڌامراهه واہ وٽ ڪپڙن کان آجو ۽ تشدد ٿيل لاش مليو آھي ھن چيو ته اسان جي پنھنجي مائٽن زاھد پنھور ، صدام پنهور ، غلام نبي ، امير علي ، ڌڻيءَ بخش پنھور ، ساجد پنھور ، ميانداد پنھور ، سجاد پنھور ، امير بخش وارن سان دشمني ھلندڙ آھي خدشو آھي ته ھنن پٽ کي بيدردي سان قتل ڪيو ھن چيو ته ان واقعي بابت شفاف جاچ ڪئي وڃي ظالمن مونسان ظلم ڪيو آھي منھنجي ڳڀرو نوجوان پٽ کي پٿرن سروٽن سان مٿي ۾ ڌڪ ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو آھي ۽ ڪپڙن کان آجو ڪري لاش ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا آھن خدارا مونسان انصاف ڪيو وڃي.

نوجوان کي سروٽا، پٿر ۽ گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي: پوليس

ميھڙ: ميھڙ پوليس موجب ته ابتدائي اطلاع آھن ته واقعو پراڻي دشمني تان ٿيو آھي جڏھن ته مقتول جا وارث  به واقعي کي ذاتي دشمني طور ٻڌائي رھيا آھن ۽ ڪجهه جوابدارن جا نالا ٻڌايا ويا آھن جڏھن ته وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪيو ويندو ، پوليس موجب ته نوجوان کي سروٽن ، پٿرن ۽ گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي جڏھن ته واقعي واري ھنڌ کان پٿر ، سروٽا رت سان رنڱيل پڻ ھٿ آيا آھن ۽ نوجوان جو لاش ڪپڙن کان آجو ھيو لاش جي بيحرمتي ٿيل آھي واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو آھي افسوس ناڪ واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ جي لھر ڇانيل آھي .