ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ جي ڳوٺ ٿيٻا جو گرلس پرائمري اسڪول مسئلن جو شڪار آھي اسڪول جو مرمتي ڪم گذريل 6 مھينن کان ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي گم ٿي ويو آھي جنھن سبب اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارن کي عارضي طور بوائز پرائمري اسڪول ۾ پڙھايو وڃي پيو اسڪول ۾ 200 کان وڌيڪ شاگردياڻيون پڙھي رھيون آھن پر انھن لاء ڪا به سھولت ناھي اسڪول م پڙهائيندڙ ماسترياڻيون آپا قدير النساء سومرو ، ثمينه سومرو ، جميلا شيخ ، نجمه عباسي ، اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردياڻين ندا، سميه، زويه ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان  ڳالھائيندي چيو آھي ته گذريل 6 مھينن کان اسڪول جو ڪم رولڙي جو شڪار آھي ٺيڪيدار اسڪول جو مرمتي ڪم اڌ ۾ ڇڏي گم ٿي ويو آھي 200 کان وڌيڪ نياڻيون عارضي طور تي بوائز اسڪول جي  ٻن ڪمرن ۾ پڙھڻ تي مجبور بڻيل آھيون سخت تڪليف آھي اسڪول ۾ ڪا به سھولت ناھي ھنن گھر ڪئي آھي ته اسڪول جو رھيل ڪم پورو ڪري اسڪول ۾ سھولتون ڏنيون وڃن.