ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ عاليوال جي رھواسي ھڪ ئي گھر جا 4 گھر ڀاتي کي خراب پاڻي پيئڻ سببگيسٽرو ۾ وٺجي ويا، مريضن ۾ شھزاد چانديو، عبدالحق، ميڊم خاتون ۽ صابره خاتون کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال ميھڙ داخل ڪيو ويو آھي، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي، تعلقي اسپتال ميھڙ جي ايم ايس ڊاڪٽر گووندا ڀوڄواڻي چيو ته عاليوال ڳوٺ جا رھواسي پاڻي جي کوٽ سبب تلائن مان پاڻي واپرايو ھيو، ان ڪري کين گيسٽرو ٿي پيو آھي ھن چيو ته اطلاع آھن ته خراب پاڻي واپرائڻ سبب ٻين گوٺاڻن کي پيٽ جي خرابي ٿي آھي، اسان اسپتال ۾ ھڪ وارڊ قائم ڪري ايمرجنسي طور اسٽاف کي به الرٽ ڪيو آھي، ھوڏانھن مقامي ماڻھن موجب ميھڙ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ ۽ ڪاڇي جي 20 کان وڌيڪ شھرن کي پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪندڙ واٽر سپلاءِ اسڪيم ناڪاره ھجڻ سبب ماڻھو تلائن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن.