دادو(رپورٽر ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءُ سميت 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ، ام رباب چانڊيو ڪيس جي فريادي ۽ وڪيل سان گڏ دادو عدالت پهتي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار به عدالت پيش ٿيا، ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار ڌر جا وڪيل عدالت نه پهچڻ ڪري عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 19 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هوڏانهن عدالت ٻاهريان ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي گهر ڀاتين جي قتل واقعي کي 8 سال پيو هلي ، پر اڃا تائين انصاف نه ٿيو ملي ، عدالتن تي اهو سوال ضرور ٿئي ٿو ته انصاف ايتري دير آخر ڇو ٿي ٿئي ، اڄ به جوابدار ڌر جا وڪيل نه اچڻ ڪري ڪيس نه هليو ، هي اسان کي ٿڪائڻ چاهين ٿا پر اسان ڪيس پرسو ڪنداسين ، وقت جي يزيد سان جهيڙو آهي ، هڪ ڏينهن کين سزا ڏياري رهنداسين ، مون کي حراسان ڪيو ويو وڃي پر آء هر حال ۾ پنهنجي گهرڀاتين جي قاتلن کي ڦاهي ڏياريندس ، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.