دادو (رپورٽر) ميهڙ ۾  ام رباب چانڊيو جي پيءُ سميت 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ام رباب فريادي ۽ وڪيل سميت عدالت پهتي ، جڏهن ته جوابدار ايم پي ايز سردار احمد چانڊيو ، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا به عدالت ۾ پيش ٿيا . ام رباب چانڊيو چانڊيو ۽ فريادي پرويز چانڊيو عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته  جاچ آفيسر ڊي ايس پي اعجاز احمد ڀٽي کي ٻيهر عدالت ۾ گهرايو وڃي، اسان جو وڪيل کائنس سوال ڪندو . عدالت اهڙي درخواست کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 7 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ، عدالت جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪري 7 ڊسمبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو چيو آهي .  هوڏانهن  ام رباب  چيو آهي ته منهنجي قتل ڪيل 3 گهر ڀاتين جي واقعي کي جنوري ۾ 7 سال مڪمل ٿيندا ، 7 سالن کان ڪيس پرسو ڪيون پيا، ان اميد سان ته اسان جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ انصاف ملندو. هن چيو ته عدالتون مظلومن کي انصاف ڏيڻ لاءِ آهن ، اسان جي ڪيس ۾ عدالت کي ثابت ڪرڻو پوندو . هن چيو ته اسان جاچ آفيسر اعجاز ڀٽي کي ٻيهر گهرائڻ جي درخواست ڏني آهي ، جنهن کان اسان جي وڪيل کي ڪجهه سوال ڪرڻا آهن . هوڏانهن جوابدار طور نامزد ايم پي اي سردار احمد چانڊيو جو چوڻ آهي ته ڪيس پنهنجي منطقي انجام تي پهتو آهي، قانوني، سرڪاري  سياسي، ڳالهيون وڃن ٿيون کٽنديون .  هن چيو ته ڪيس ۾ ڪجھه ناهي اها سڀني کي خبر آهي، هاڻي ميائون ميائون پئي ٿئي، وري ٻيهر جاچ آفيسر لاء درخواست ڏني اٿن.