نصيرآباد(ن پ ا) ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ حسنا آباد جي رهواسڻ ڪزبانو ٻگھيو معصوم ٻچڙن سميت تعلقا پريس ۾  دانهيندي چيو آهي ته مهنجو نوجوان پٽ مختيار ٻگھيو محنت مزدوري ڪندو هيو گذريل 12 ڏينھن کان غائب آهي، هن وڌيڪ دانهيندي الزام لڳائيندي چيو ته مهنجي پٽ کي مهنجو ڀاءُ ۽ ٻيا هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي.