ميهڙ ميونسپل جي 3 وارڊن تي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم: پي ٽي آءِ جو احتجاج

0
130
ننڍي مڪاني چونڊ: غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ ڪامياب
ننڍي مڪاني چونڊ: غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پ پ ڪامياب

دادو: اليڪشن ٽربيونل ميهڙ ميونسپل جي 3 وارڊن تي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست منظور ڪري ورتي  آهي

اليڪشن ٽربيونل ميونسپل ميهڙ جي وارڊ 5 ، 9 ۽ 14 تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ بابت ڊي آر او دادو کي ليٽر جاري ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ الزام هنيو ته پي ٽي آءِ ميهڙ ميونسپل جي 10 وارڊن تي ڪاميابي ماڻي، جيڪا اقتداري ڌر کان هضم نه ٿي ٿئي، اليڪشن ٽربيونل سڄي سنڌ جون درخواستون رد ڪري رڳو ميهڙ جي 3 وارڊن تي ري ڪائونٽنگ جا حڪم ڏئي ڌر هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي